باره کُرد

باره کُرد (Barah Khurd): هيءُ ماڳ 76023'06.4" ڊگريون اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ 29018'48.7" ڊگريون اوڀر ڊگهائي ڦاڪ تي ضلعي جند (هندستان) جي ڳوٺ بارا کرد ۾ موجود آهي. بارا کرد ڳوٺ، ضلعي جند کان 6 ڪلوميٽر اتر- اولهه ۾ آهي. دڙو باره کرد کان هڪ ڪلوميٽر اتر- اولهه ۾ زرعي زمين ۾ آهي. ماڳ تي پهچڻ لاءِ ڏاند گاڏي جو رستو موجود آهي. جند- پاڻي پت ريلوي پٽڙي ماڳ جي وچان گذرندي، ماڳ کي ٻن حصن ۾ ورهائي ٿي. ماڳ جو وڏو حصو انهيءَ پٽڙيءَ جي نذر ٿي چڪو آهي. ماڳ ٻن هيڪٽرن جي ايراضيءَ ۾ 150 ميٽر اوچائي تي آهي. مٿاڇري تان ملندڙ وٿون اڳ هڙاپائي (Pre-Harappan) دور سان واسطو رکن ٿيون. هتان پوئين هڙاپائي دور جو ٺڪراٺو به ملي ٿو.
مٿاڇري تان مصالحي مان ٺهيل چوڙين جا ٽڪرا ۽ ٽامي جا ذرا مليا آهن. شروع ۾ هيءُ ماڳ مشهور آرڪيالاجسٽ سورج ڀان 1966-1967ع ۾ لڌو هو ۽ هن انڊين آرڪيالاجيڪل رويو ۾ رپورٽ ڪندي لکيو هو ته، کيس جيڪو ٺڪراٺو مليو آهي، سو پوئين هڙاپائي دور سان واسطو رکي ٿو. ملندڙ ٺڪر ۾ ننڍي ڳچي واري ڪولي جو ٺڪر مليو هو، جنهن جي ڪني تي ڪارا ليڪا (Bands) نڪتل هئا، جڏهن ته ٻن ليڪن جي وچتي پور وڇوٽ ليڪون به ملن ٿيون، جيڪي ٿانون جي ڪلهن تائين هليون ٿي ويون. ان کان سواءِ ٺڪر جي ٿانون جو هڪ ٽڪرو اهڙو به مليو، جنهن تي به ڪارا ليڪا نڪتل هئا، جنهن ۾ ٻن ليڪن جي وچ تي لهريدار ليڪون نڪتل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو